درس القرآن

درس القرآن

درس القرآن

درس القرآن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب غلام مصطفيٰ دادويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ پهريون سيپارو ترجمي سان گڏ شامل آهي. ليکڪ ’حقيقت حال‘ عنوان سان لکي ٿو ته، ”قرآن کي صحيح نموني ۽ قرات سان پڙهڻ ۽ ان جي سمجهڻ وارا تمام ٿورا الله تعاليٰ جا بندا ملندا. ’درس قرآن‘ جي سلسلي شروع ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته لفظ ڌار ڪري، ڇيد ۽ ترڪيب واري طرز تي لکيو وڃي ته عام ماڻهو لفظ جي اچار ۽ ان جي معنيٰ کان واقف ٿين. هي طرز ۽ طريقو تمام مشڪل آهي، جنهن جو اندازو خود پڙهندڙ به لڳائيندا.“ ڪتاب ۾ پهرين سيپاري جي هر هڪ حرف کي جدا لکي ان جي معنيٰ ڏني وئي آهي. ڊيمي سائيز جي 51 صفحن تي مشتمل هيءُ ديني ڪتاب ’توحيد عربي مرڪز حيدرآباد‘ طرفان دارالشفاء مفيد عام دواخاني وارن 2001ع ۾ مفت ڇپرائي تقسيم ڪيو.


لفظ درس القرآنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو